عـبـدالواحد علامه

عـبـدالواحد ، علامه: علامه عبدالواحد ڌاريجو سنڌ جي مايه ناز عالمن، اديبن، استادن ۽ شاعرن مان هڪ هو، هن 7 جولاءِ 1923ع تي سنڌ جي مشهور حڪيم، جراح ۽ زميندار خدا بخش خان جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ورنيڪيولرز فائنل تائين تعليم هنڱوري جي قديم مڪتب ۽ فلسفي ۽ عربيءَ جي تعليم صاحبن جي لوءِ ۽ گورو پهوڙ جي مشهور مدرسن مان حاصل ڪئي. 1945ع ۾ پرائمري استاد طور ملازمت اختيار ڪيائين، ڪجهه وقت مهراڻ اورينٽل ڪاليج پنو عاقل ۽ ايليمينٽري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر طور به ڪم ڪيائين. علامه صاحب نوڪري دوران بي. اي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جا امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيا، اردو، سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ عالم فاضل جو امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، فارسي زبان ۽ ادب تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ ايران سرڪار کيس پنهنجي خرچ تي ايران گهرايو ۽ تهران يونيورسٽي ۾ جديد فارسي تعيلم جي سکيا ڏياري.
پني عاقل ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ مهراڻ ادبي سنگت جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوشش ورتائين. پ. ٽ. الف سان به گهڻو وابسته رهيو، استاد عبدالڪريم جتوئيءَ جو خاص معاون ۽ صلاحڪار هو. زميندار هجڻ باوجود هاري حقن لاءِ وڙهندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ جو نه صرف دوست هو، پر هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. قاضي دبيروي، محمود خادم، عبدالله انڙ، مهراج سامي جهڙا شاعر سندس خاص دوست هئا. جڏهن مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ عبدالرزاق راز، حافظ خير محمد، پروفيسر شير محمد بلوچ، رڪن الدين قاسمي ۽ شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه سان خاص نيازمندي هئس. سندس حڪمت ۾ وڏي شفا هئي. وٽس سنڌ بلوچستان جي حاجتمندن جو ميڙو لڳو پيو هوندو هو. هڏن، اعصابي ۽ جنسي ڪمزورين جو ماهر هو. سندس وفات بعد حڪمت جو سلسلو سندس لائق فرزند عبدالرشيد ۽ فاروق جاري رکيو پيا اچن، سندس فارسي مخطوطات، ‘ڪليات رند’ ۽ ‘قطعات رند’ علم ۽ ادب جو قيمتي اثاثو آهن، جيڪي سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهي. علامه صاحب اسٽيج جو بادشاهه هو، مشاعرن ۾ سندس ادائگي ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيندي هئي، سندس نظم ’چلتي ڪا نام گاڙي‘ تمام گهڻو مشهور هو.
هن يگاني عالم، حڪيم ۽ استاد 16 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.07.07  عيسوي

علامه عبدالواحد ڌاريجو سنڌ جي مايه ناز عالمن، اديبن، استادن ۽ شاعرن مان هڪ هو، هن 7 جولاءِ 1923ع تي سنڌ جي مشهور حڪيم، جراح ۽ زميندار خدا بخش خان جي گهر ۾ جنم ورتو.


1996.08.16  عيسوي

علامه عبدالواحد ڌاريجي 16 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد فيض الله شاهه جيلاني
مخدوم جهان سنڌي
عبدالڪريم قريشي ٻير وارو مولانا
حسين بن دلدار علي علامه
رفيع الدين مولانا
شيخ طيب ٺٽوي
سيد عبدالخالق جيلاني
الياس عطار قادري
شيخ محمد مريد سيوهاڻي
امام ترمذي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون